SHAHEED DODO SOOMRO
سومرن جي دور ۾ چئن دودن ۽ ٻن چنيسرن جو نمايان ذڪر آهي. انهن بابت واقع نگارن جو مجموعي طور رايو آهي ته ٻئي چنيسر پرمتڙيا، لالچي ۽ بيڪار هئا، جڏهن ته دودا دلير، بهادر ۽ ويڙهو هئا. ان تاريخي پس منظر ۾ ائين معلوم ٿئي ٿو ته سومرن ۾ دودن واري تسلسل ۽ بهادرانه ڪارنامن واري روايت سبب دودو لفظ بهادريءَ جي علامت طور منسوب ٿي ويو. بيان ڪيل داستانن جي لوڪ روايت، جنهن طرح غير محسوس ٿيندڙ عوامي انداز سان جنم وٺي، پختي ٿي ۽ پکيڙجي ٿي، هيءَ به هڪ اهڙو ئي مثال آهي. سومرن جي دور جا سڀئي دودا پنهنجي پنهنجي دور جا بهادر ۽ بيباڪ مڙس هئا. ان ڪري دودو سورهيائيءَ جي علامتي اهڃاڻ طور نه رڳو ان وقت، پر موجودهه دور تائين زبان زد عام هلندو پئي رهيو آهي ۽ شايد ان ئي نالي جي نسبت سان دوداڻي، سورهيائي طور ۽ دودو بهادريءَ جي علامت طور سنڌي معاشري ۾ رائج ٿي ويو. ان دور جو مشهور منگتو ڀاڳو ڀان دودي جي حوالي سان دوداڻين جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
والي وڳهه ڪوٽ جا، دوداڻي دونڪن،
جي ڪنين ٻه هئا سومرا، تن ڏيل اکئين ڏسجن.
هنديءَ ۾ دودي جي لفظي معنيٰ ‘راج دل’ يعنيٰ ملڪ جي سگهه آهي پر سنڌيءَ ۾ اهو لفظ گھڻ صفا تي حوالي سان پهلوان، سگھو، بهادر، همٿ ڀريو ۽ سهڻو واري معنيٰ ۾ به استعمال ٿئي ٿو. ان حوالي سان ايم. ايڇ پنهور صاحب لکي ٿو:
“اهو بادشاهي لقب صدين تائين سومرن بادشاهن جو صفاتي نالو رهيو آهي. انهيءَ طرح دودو آهي “راج دل” يعنيٰ ملڪ جي سگھه، زور ۽ سونهن راج دل (ملڪ جي طاقت) لقب اڳتي هلي (577- 1456ع يا 861هه ۾) ڄام نظام الدين لاءِ پڻ استعمال ٿيو”.
اهڙي ريت دودو صفتي حوالي سان پهلوان، سگھو، بهادر وڏي همٿ واري ڪردار طور مروج ٿي ويو. اسين جڏهن سومرن کي ياد ڪريون ٿا، تڏهن اسين پاڻ ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي تاريخ جي روشنيءَ ۾ تاريخ جي پيچيدهه پيچرن مان پنهنجون واٽون ڳولڻ طرف راغب ڪريون ٿا. ايئن جيئن چيو ويندو آهي ته حال کي بهتر ڪرڻ لاءِ مستقبل مان سبق پرايو ويندو آهي. ايئن دنيا جي سڀني غلام قومن ڪيو آهي. ان ضرورت جي مدنظر ڪن قومن جي شاعرن پنهنجا خيالي هيرا پڻ جوڙيا ۽ پيش ڪيا آهن جنهن جو سڀ کان وڏو مثال فردوسيءَ جو شاهنامو آهي. اسين ته ان سلسلي ۾ خوش نصيب آهيون جو اسان وٽ تاريخ جي مختلف دورن ۾ سبق آموز حقيقي قومي هيرن جو ذڪر ملي ٿو. اهڙن حقيقي ڪردارن منجھان شهيد دودو سومرو هڪ آهي. جنهن سان هيءَ تمام وڏي ڪوپائتي ڪيڏارو ڪٿا منسوب آهي. جنهن جي مختلف ڪردارن مان ڪيئي اعليٰ صفتون نمايان نظر اچن ٿيون. ان ڪوپائتي ڪٿا لاءِ، ڪي اختلافي نڪتا پيش ٿي سگھجن ٿا، پر اها به هڪ حقيقت آهي ته:
”هيءَ ڪيڏارو سر زمين سنڌ جي پيداوار ۽ قديم سنڌي شعر جي فطري اوسر جو ئي نتيجو آهي، تنهن ڪري هيءَ داستان سنڌ جي تهذيب وتمدن جو ترجمان ۽ سنڌ جي سرفروشي ۽ ننگ ناموس جو نمائندهه نيشان آهي“ ( محرم خان ص 19) انڪري سورهن کي ياد ڪرڻ واري اهڙي ڪوشش کي ڪن دوستن پاران خوش فهمي، خود ثنائي وارو سحر تصور ڪرڻ ۽ قوم کي ان ڪوهيڙي واري ڌنڌ ۾ ڦاٿل ظاهر ڪرڻ بجاءِ، ان عمل کي سائين جي. ايم. سيد جي لفظن ۾ هن طرح به بيان ڪري سگھجي ٿو. “جڏهن اسان تاريخ جي نهايت مشڪل دور مان لنگھي رهيا آهيون، اسان جي آزادي ختم ڪئي ويئي آهي، جا اقتصادي حالت تي اثر انداز ٿيڻ کان رهي نه سگھي آهي. اسان جي ڪلچر ۽ زبان تي وار ٿي رهيا آهن ان وقت اهڙي قسم جي سپوتن ۽ سورهن جا قصا ۽ ڪهاڻيون عوام تائين پهچائڻ ۽ سندن ياد ڪرڻ قومي عزت، همٿ ۽ جذبه آزاديءَ کي زندهه ڪرڻ جي برابر آهي (سنڌ جا سورما، ص 26)
اها قومي غيرت ئي آهي جيڪا جڏهن انفرادي سوچ ۽ عمل مان نڪري ايڪتا ۽ اتحاد وارو روپ اختيار ڪري ٿي، تڏهن قومن جا روپ تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ اهي هر قسم جي غلاميءَ کان ڇوٽڪاري واري واٽ وٺڻ ۾ سرهائي محسوس ڪن ٿيون.
اسان کي اهو نه وسارڻ گھرجي ته دودو چنيسر سنڌ جو عظيم رزميه تاريخي لوڪ داستان آهي. ۽ لوڪ داستان جي بنيادي بيهڪ عوامي انداز جي اظهار واري طريقيڪار ۾ رکيل آهي. اهڙا داستان جيڪي پنهنجي دور جي ڀانن ۽ ڀاڳن فقيرن عوام ۾ ملڪان ملڪ مشهور ڪيا. لوڪ داستان جي ان انداز واري ڦهلاءَ وقت نه رڳو مکيه ڪردارن کي نمايان ڪيو ويو. پر ڊاڪٽر بلوچ جي بقول: ” سورهن جي ڪردارن ۽ ڪارنامن کي چمڪائڻ خاطر ڏند ڪٿائي مبالغي ۽ ڪرشمائي وڌاءَ کي دخل رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو عوامي ذهن غير معمولي ڪارنامن ۽ ڪرشمن کان ئي جلد ۽ وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو.“ (سومرن جو دور، ص 6)
مٿي ذڪر ڪيل سماجي بيهڪ سبب تاريخ جي ڊگھي سفر دوران هن قصي ۾ ڪي، جھول ته ٿي سگھن ٿا پر ان کي بنهه غلط چوڻ يا مفروضو ظاهر ڪرڻ واري راءِ صحيح ڪانهي، مثلاً چيو وڃي ٿو ته، تاريخي طور تي علاوالدين خلجيءَ ڪڏهن به سنڌ تي ڪاهه ڪئي ئي ڪانهي. برابر علاوالدين خلجيءَ پاڻ ڪاهه ڪري ڪو نه آيو پر ان جو اهو مطلب ڪٿي آهي ته خلجي فوج سنڌ مٿان حملو ڪيو ئي ڪو نه هو. علاوالدين ته اڳواڻ هو، جنهن جا ڪيئي سپهه سالار هئا جيڪي جنگيون ڪندا پئي وتيا. ظاهر آهي ته اهي جنگيون سڏبيون ته مکيه اڳواڻ جي نالي سان، مثلاً هٽلر دنيا جي مختلف ملڪن تي حملا ڪيا، انهن ۾ هن پنهنجو پاڻ ته حصو ڪو نه پئي ورتو. پر هو سموري جنگ جو سرواڻ هو، انڪري اڃ تائين اهي هٽلر جا حملا تصور ڪيا وڃن ٿا. اهڙي طرح جيڪڏهن خلجين جي لشڪر سنڌين مٿان حملا ڪيا تڏهن سگھڙن قصي خوانيءَ ۾ سنڌي هيرن جي مد مقابل مخالف طور عالادين (علاوالدين) جو ولين واري حيثيت طور ذڪر ڪيو آهي.
هن ڪتاب اندر ٿيل مختلف بحثن مان ان ڳالهه جو بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته خلجين جون فوجون، پنهنجي توسيع پسنديءَ واري مقصد سان اڳ ئي ان تلاش ۾ هيون ته سنڌ جي حڪمران کي سوڙهو ڪري متيع ڪجي. سندن ان خواهش کي چنيسر واري دانهن ڄڻ ته موقعو مهيا ڪري ڏنو. ويتر جو مقامي با اثر شخص ماڌن راءِ ماڌو راءِ جيڪو گجرات جي ڪرن واگھيلي جو وڏو وزير هو، تنهن سومرن سان پراڻي واگھيلا دشمني هيٺ يا چنيسر، جيڪو واگھيلن جو مائٽ هو، ان جي تعاون خاطر پنهنجي منصب سان غداري ڪري، وڃي خلجين جو پاسو کنيو، انهن جو فوجي مشير بنجي، سندن سونهون به ٿيو، سندس اهڙين غدارين سبب ئي سنڌين کي شڪست آئي.
قومي سورمن جو ڪردار وسيع مفهوم جو حامل هجي ٿو، اها رڳو ان شخص جي سورهيائي، بهادري ۽ همٿ جي نشاني ڪا نه هوندي آهي پر سورهن، شهيدن، سورمن ۽ سرويچن جي ادا ڪيل ڪردار مان قومي قدرن، (value) معيارن جا اهڃاڻ پڻ نمايان نظر ايندا آهن. سندن ادا ڪيل ڪردار ۽ ڏنل قربانيءَ جي نتيجي ۾ جيڪي حقيقتون سامهون اينديون آهن انهن جي روشنيءَ ۾ قومن جي سماجي بيهڪ بابت ڪي سبق آموز تاريخي اهڃاڻ حاصل ٿي سگھندا آهن ماضيءَ واري اهڙي تاريخ جي روشنيءَ ۾ باشعور قومون پنهنجي حال بهتر ڪرڻ لاءِ ڪيئي سبق حاصل ڪري مستقبل لاءِ راهون هموار ڪري سگھنديون آهن. اسين شهيد دودي سومري جي وطن ۽ قوم لاءِ ڏنل قربانيءَ واري داستان منجھان سنڌي قوم لاءِ اهڙا ڪيترا ئي اهڃاڻي مثال حاصل ڪري سگھون ٿا، جيڪي دنيا کي آڇڻ جهڙا آهن. جيتوڻيڪ بظاهر اهو قصو هڪڙو عام رواجي قصو آهي. ان جهڙا ڪي ٻيا ننڍا وڏا قصا به ضرور ٿيا هوندا پر هن کي وڏي اهميت ۽ عظمت شهيد دودي ۽ سندس بهادر همٿ ڀري ڀيڻ ٻاگھل ٻائيءَ واري ڪردار سبب نصيب ٿي. دودو جيڪڏهن پنهنجي سک سلامتيءَ جي پرواهه ڪندي، حڪومت جي بحاليءَ واري لالچ ۾ اچي ٻاگھيءَ جو سنڱ ڏيئي ڇڏي ها ته اهو سندس لاءِ بظاهر سولو ۽ سستو سودو هو، پر سنڌي قوم ۾ ڪنهن به حوالي سان ڏاڍ جي اڳيان سر نه نوائڻ وارو جيڪو اعليٰ قدر موجود آهي، ان کيس اهڙو جڏو ڪم ڪرڻ نه ڏنو. ڪيترائي ماڻهو ادل بدل ۽ اٽڪل سٽڪل سان ڏاڍي کي راضي ڪري پاڻ کي بچائڻ جي ڪندا آهن پر دودي جي ڪردار ۾ اهڙي گھٽيا قسم جي روايت کان انڪار وارو اهڃاڻ نمايان نظر اچي ٿو. جنهن وقت خلجن جو ڪٽڪ ڪاهي اچي ٿو ۽ صرف هڪ ئي شرط ٻاگھيءَ جي سنڱ جي حاصلات واري ڳالهه ڪري ٿو، اهو بظاهر سستو سودو هو پر دودي ان کان انڪار ڪندي جنگ جي تياري ڪئي. تڏهن مشيرن منجھان ڪنهن اها راءِ رکي ته ٻاگھل ٻائي کي ته ڪو ئي ڪو نه سڃاڻي، ان ڪري قوم تان غليم ٽارڻ لاءِ سندس جاءِ تي، ڪا ئي ٻي عورت موڪلي ڏجي. اها ڳالهه به نه رڳو دودي جي غيرت گوارا نه ڪئي پر راڄ مان به ڪنهن سگھڙ چيو ته:
جر نه کُٽي ڪنگرين راءِ نه جھلن ويڻ
جي گولي وڃي، گُجرين ته به، سڏجي دودي ڀيڻ.
جنگ جون تياريون ٿي ويون تڏهن بهادر ۽ باغيرت ٻاگھل ٻائي جي دور انديشيءَ ۽ قربانيءَ واري امتحان جي گھڙي آئي. اهڙي وقت ۾ ٻاگھل ٻائي ڀاءُ کي مخاطب ٿي چيو: جيڪڏهن منهنجي ڏيڻ سان راڄ تان غليم ٽري ٿو وڃي ته اها ڳالهه مون کي قبول آهي پر دودي جهڙي بهادر انسان ائين ڪرڻ گوارا نه سمجھيو ۽ هن خلجن جي مسلط ٿيل جنگ کي قبول ڪندي. جنگ جا نغارا وڄرايا. جنگ ۾ دودي جو خاندان ۽ سنڌ جو سورهه عوام قربان ٿي ويو. ٻاگھل ٻائي پنهنجي ڪٽنب جي عورتن سان گڏ ابڙي وڏ وڙي وٽ سام ٿي ويئي، خلجن جو ڪٽڪ پيڇو ڪندو ويو، ابڙي کان ٻاگھيءَ جي گھر ٿي، وڙائتو ابڙو به سومرين کي واپس نه ڪري، پنهنجو قول پاڙيندي، قوم تان قربان ٿي ويو. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ٻاگھل ٻائيءَ جي دل دهلجي هان ته هو پنهنجو پاڻ پيش ڪري، سُکي زندگي گذاري پئي سگھي. اهو کيس موقعو هو. پر هن بهادر ڀاءُ جي باغيرت ڀيڻ اهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ کان، قوم تان قربان ٿيڻ واري روايت کي برقرار رکندي مُنهن مقابل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.
’ڀل مائر سي مرڪن، جنين اهڙيون ڌيئر ڄايون‘.
اڄ جي دور ۾ ڪي سومرا، دودي جي ڪردار ۽ سومرن جي صاحبيءَ کي سومرا ذات واري محدود تصور هيٺ ڏسن ۽ ان بابت سوچين توڙي لکن ٿا. اهڙو عمل شهيد دودي جي، سنڌ جي قومي سورمي هئڻ واري حيثيت گھٽائڻ جي برابر آهي. اهڙي عمل کي اهي دوست ڀلي سومرا قبيلي لاءِ ڪا وڏي خدمت تصور ڪندا هجن پر اهو نه وسارڻ گھرجي ته دودي جي راڄ ۾ رڳو سومرا ڪو نه هئا. ڪيئي ٻيا راڄ به هئا، جن جي پوئيرن وٽ دودو سنڌ جي شهيد هئڻ واري حيثيت ۾ اعليٰ مرتبو ماڻي چڪو آهي، جنهن جي عمل ۽ ڪردار مان سنڌ جي ڪيترن ئي اعليٰ صفتن جا حوالا جنم وٺن ٿا. جيڪي سنڌي قوم جو هر فرد عالم انسانيت لاءِ آڇيندي فخر محسوس ڪري ٿو. اهڙيون اعليٰ مرتبي واريون صفتون جيڪي سنڌي قوم جي سڃاڻپ ۽ اعليٰ معيار جي سلسلي ۾ پيش ڪري سگھجن ٿيون، اهڙن اعليٰ گُڻن کي محدود ڪرڻ ڪو سٺو سوڻ ڪونهي.
شال سنڌ جا نوجوان پنهنجي قومي سورمن جي اعليٰ ڪردار منجھان ڪي ڳڻائتيون ڳالهيون پرکي، پروڙي پنهنجو مستقبل روشن ڪري سگھن.
طالب العلمڊاڪٽر آزاد قاضي
سنڌي شعبو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
Comments
Post a Comment