SHAHEED DOOLAH DARYA KHAN


سنڌ جي تاريخ ۾  ”سمن جو دور“ سياسي لحاظ کان سونهري دور ٿي گذريو آهي. سياست، عملداري، فوج، سپاهه، مدرسا، خانقاهون، مڪتب، ڪاروبار ۽ واپار، مطلب ته سنڌي ماڻهو هر لحاظ کان فوقيت رکندڙ هو. 1520ع ۾ سمن جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ سنڌي وري ڪڏهن به اهو اوج حاصل نه ڪري سگهيا. جيتوڻيڪ ڪلهوڙن ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ جي وڃايل اوج کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهي سمن جي حڪومتي حاصلات تائين پهچي نه سگهيا!
بادشاهن ۽ سلطانن (سمن) کان سواءِ، ڄامن سمن جي آخري دور ۾ ٻه وڏا ڪردار پيدا ٿيا. مخدوم بلال ۽ دولهه دريا خان. ٻئي ڪردار پنهنجي پنهنجي جاءِ تي، تمام وڏي اهميت وارا هئا. مخدوم بلال عالم، استاد ۽ صوفي هئڻ سان گڏ، وطن دوست انسان ٿي گذريو. دولهه دريا خان سياستدان، مدبر، سپهه سالار ۽ تعميرِ سنڌ جو روح روان هو. 1980ع ۾ هڪ مقالو ڇپيو. ان موجب دريا خان لاشاري بلوچ هو. منهنجو ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ 1987ع ۾ ڇپيو، تڏهن مون هن راءِ کي تسليم نه ڪيو ۽ پنهنجو موقف پيش ڪيو. محض روايتن جي آڌار تي، ڪنهن جو حسب نسب طئه ڪرڻ، تحقيق جي تسليم شده اصولن جي خلاف هو.
ايندڙ ورقن ۾ ”دولهه دريا خان“ بابت مضمون ۽ مقالا سهيڙي پيش ڪيا پيا وڃن. هن مواد کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ دريا خان جي سوانح، ڪردار، دليري، دانائي ۽ وطن دوستيءَ تي مبني مواد کي پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻئي حصي ۾ سنڌ جي هن عظيم سپهه سالار جي حسب نسب بابت ٿيل بحث مباحثي کي گڏ ڪيو ويو آهي.
تاريخ قومن جي عظمت جو اهڃاڻ ۽ سڃاڻپ جو وڏو ذريعو آهي. تاريخ جي ڌنڌلي ٿيڻ سان قومون پنهنجي اهميت وڃائڻ شروع ڪنديون آهن. ٻه چار سال ٿيا ته آمريڪا ۾ ايران بابت هڪ فلم نمائش لاءِ پيش ٿي. تڏهن آمريڪا ۾ رهندڙ ايراني باشندن فلم خلاف مظاهرا ڪيا ته، هن ۾ ايران جي تاريخ کي مسخ ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ان دور ۾ جاپان سرڪار فيصلو ڪيو ته، ٻي عالمگير جنگ ۾ هيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ تي آمريڪا پاران استعمال ڪيل ايٽم بم وارو سبق نصاب مان خارج ڪيو وڃي. ٻنهي شهرن جي عوام ان فيصلي تي احتجاج ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته، اها اسان جي تاريخ آهي ان کي گم ٿيڻ نه ڏينداسين.
ليڪن هتي وڏي دانائيءَ سان گڏجي تاريخ سان به ساڳيو حشر ڪيو پيو وڃي. مهر ڳڙهه لاءِ سڄي دنيا چوي ٿي ته اها سنڌو تهذيب  جو اوائلي اهڃاڻ آهي. ننڍي کنڊ جو پهريون تحريري ماخذ ”چچ نامي“ ٻُڌائي ٿو ته راجا چچ مڪران ۽ ڪشمير تائين حڪمراني ڪئي. هاڻي ان تاريخ کي به گم ڪرڻ جي ڪوشش تيز ٿي وئي آهي. خود باقي بچي ويل سنڌ (عظيم سنڌ مان) اندر به سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي حاڪمن جي آثارن کي مليا ميٽ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ان عمل تي جيترو ارمان ڪجي اهو گهٽ آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ خاص ڪري پنهنجن سورمن بابت جاري روش ٿي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ڏک بلڪ طنزيه انداز ۾ لکيو ته:
”دولهه دريا خان جي ورسيءَ جو ٺيڪو ته صرف بهاول خان انڙ ئي کنيو آهي، ۽ هاڻ ته ان جا وارث لاشاري ٻروچ ساماڻا آهن، ۽ دعويٰ ٿا ڪن ته دولهه دريا خان لاشاري هو (ثقافتي ورثو، ص 20، 1999ع)
هن کان اڳ آزاد قاضي صاحب ”شهيد مخدوم بلاول“ تي هڪ ڪتاب ڇپرائي چڪو آهي. هاڻ سمان دور جي ٻئي عظيم ڪردار
”دريا خان“ بابت دستياب سمورو مواد، مرتب ڪري ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪري رهيو آهي. پروفيسر قاضيءَ جو لکيل مقدمو، نهايت مدبرانه تحرير آهي. ان کي پروڙڻ ۽ پرجهڻ جي اشد ضرورت آهي. هن پورهيي لاءِ قاضي صاحب جس لهڻي. دريا خان جي بيٺڪ (اوطاق) بابت لکيل مضمون، اصل ۾ مون کي تازو مسٽر ذوالفقار علي ڪلهوڙي اسلام آباد مان موڪلي ڏنو. اِهو مضمون پهريون ڀيرو هن ڪتاب ذريعي سنڌي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. آخر ۾ ڌڻيءَ در التجا آهي ته، اسان کي تاريخ کي پڙهڻ ۽ پرکڻ جي سگهه ڏيئي ۽ حقيقتن توڙي سچاين کي قبول ڪرڻ جي توفيق بخشي!

غلام محمد لاکو

Comments

Popular posts from this blog

ABDUL KARIM (BAIR WARO) MOLANA (Famous Religious Figure)

ABDUL MAJEED SINDHI. MEMON (Prominent scholar, Intelluctual and Linguist)

ABDUL QADIR JUNEJO (A Dramatist, Story writer and literary Figure)