SHAHEED HEMOON KALANI



پيش لفظ

سپاتر شير سنڌڙيءَ جا، ملهايئه سنڌ جو پاڻي،
شهادت جي سند تنهنجو، بڻي سينگار ڪالاڻي.
(آشا درگاپوري)
سنڌ نه رڳو صوفين ۽ سنتن، پر شهيدن جي سرزمين پڻ پئي رهي آهي. سنڌ پرامن ۽ سيڪيولر سرزمين آهي. جهڙيءَ طرح ان جا صوفي بغير ڪنهن مذهبي متڀيد جي مڙني ڏيهه واسين جي جذبن جي مشترڪه ميراث پئي رهيا آهن، ساڳي ريت سنڌ جي شهيدن وارين صفن ۾ پڻ ڪائي مذهبي منافرت نظر ڪانه ٿي اچي. ”شهيد ڏاهر“ ۽ ”جئه شينهن“ کان ٿيندي ”شهيد هيمون ڪالاڻي“ کان عبدالرزاق سومري ۽ اشوڪ ڪمار تائين شهيدانِ سنڌ جي هڪ وڏي قطار آهي، جنهن ۾ ڪئين سرويچ سورهيه شامل آهن، جن کي سنڌ جو هر محب وطن سنڌ جي شهيد طور عزت ۽ احترام سان ياد ڪندو پئي رهيو آهي.
”اڳيان اڏن وٽ، پٺين سر سنباهيا.“
محڪوم قومن جي سجاڳي ۽ ارتقا واري عمل سان شهيدن جي رت جو سڌيءَ طرح واسطو هجي ٿو، اهو ائين ته جڏهن جڏهن سندن عمل ۽ ڪردار جو بيان ٿئي ٿو تڏهن قوم جي نوجوانن جي دلين ۾ ملڪ سان محبت جي سلسلي ۾ هڪ قسم جو نئون روح ڦوڪجي وڃي ٿو. ۽ اهي پنهنجي شهيدن جي حالاتِ زندگي ۽ ڪارنامن مان سبق حاصل ڪري معروضي حالتن ۾ ڪي رستا ۽ راهون هموار ڪري سگهن ٿا. ان ئي بنيادي قومي ضرورت جي، غلام قومن لاءِ اهو ضروري ٿيو پوي ته انهن جي قومي هيرن ۽ شهيدانِ وطن جي ياد تازي ٿيندي رهي. ان مقصد جي مدنظر ڪافي وقت کان آءٌ اهڙي مواد جو ڳولائو پئي رهيو آهيان. هن کان اڳ ”شهيد مخدوم بلاول“ تي ڪتاب آڻي، ان اهم ۽ بنيادي ضرورت واري سلسلي جي شروعات ڪئي ويئي.
گذريل ڪيترن ئي سالن کان ”شهيد هيمون ڪالاڻي“ بابت مواد جي پڻ ميڙا چونڊي، ان اميد تي ڪندو پئي رهيس ته هيمونءَ جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي ڪو ڪتابچو لکجي. ان دوران ٻه سال اڳ پراڻي سياسي ڪارڪنن ڄيٺي لالواڻي احمد آباد مان شهيد هيمون ڪالاڻي (با تصوير جيون جهانڪي) پڌرو ڪيو، جيڪو بهترين ڪم آهي. ان کي ڏسڻ کان پوءِ مون کي به خيال آيو ته سالن کان هيمون ڪالاڻي بابت ڪيل ان ميڙاچونڊيءَ کي ڪتابي صورت ۾ آڻي ڇڏجي، ڇاڪاڻ ته هر ليکڪ جي لکت جو پنهنجو پنهنجو مقام آهي، هر ليک جي پنهنجي پنهنجي خوشبوءِ آهي، ان قسم قسم جي خوشبوءِ وارن گلن جو هي گلدستور تيار ڪيو ويو آهي.
هن تيار ٿيل ڪتاب ۾ هيمونءَ بابت اٽڪل 30 ليکڪن جي خيالن کي يڪجا ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ ڄيٺي لالواڻي جي ڪتاب مان پڻ هيمونءَ بابت مکيه معلومات کنئي ويئي آهي، جنهن مان شهيد هيمون ڪالاڻي جي زندگي ۽ ڪارنامن واري حوالي سان ڪئي پهلو نروار ٿين ٿا.
هيمونءَ جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ حصو وٺڻ واري سلسلي کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، کيس پس منظر ۾ خانداني حوالي سان هڪ خاص، انقلابي ماحول مليو هو. مثلاً سندس چاچو ڊاڪٽر منگهارام ڪالاڻي نه رڳو قوم لاءِ ترنگ جو تيرٿ ڪيو هو، پر هن نوجوانن ۾ انقلابي روح ڦوڪڻ ۽ کين يڪجا ڪرڻ واري خيال سان ”سوراج سينا“ نالي هڪ جماعت جو پڻ بنياد وڌو هو، جنهن ۾ 19-20 سالن جي عمر کان وٺي 25 سالن جي عمر تائين هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جا وديارٿي ديش سان پيار ڪندڙ جوان شامل هئا. سوراج سينا جو مقصد هو نوجوانن ۾ ديش ڀڳتيءَ لاءِ روح ڦوڪڻ ۽ ديش کي انگريزن جي غلاميءَ مان آزادي ڏيارڻ لاءِ نوجوانن ۾ قربانيءَ جو معدو پيدا ڪرڻ.“ انهيءَ اداري ”سوراج سينا“ جو هيمون پڻ ميمبر هوندو هو. ان سکيا جي نتيجي طور هو پڙهڻ سان گڏ ترڻ ۽ مختلف نمونن واري ڪثرت ڪرڻ سان گڏ هڪ جيڏن ۾ مختلف طريقن سان سجاڳي آڻڻ واريون سرگرميون ڪندو رهندو هو.
سائين جي. ايم. سيد هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
”تاريخ شاهد آهي ته اهي ئي قومون عروج تي پهتيون، جن ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ٿيا، جن قوم جي نفعي لاءِ پنهنجا خون هاريا، راتيون جاڳي ڏينهن ڪيا، پيٽ سان پٿر ٻڌي وقت گذاريو، هر مشڪلات کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهيا ۽ مستقبل لاءِ حال قربان ڪيو.“ 
هيمون ڪالاڻيءَ جي ڏنل قربانيءَ کي پڻ ان تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي، پر تاريخ جا عجيب فيصلا ٿين ٿا، هيمون ڪالاڻي ۽ ان جهڙن ٻين ڪيترن ئي محب وطن فردن جنهن ملڪ جي آزاديءَ لاءِ قربانيون ڏنيون، اهو جڏهن آزاد ٿيو ته اهڙي صورت ۾، جو انهن مان ڪيترن لاءِ، اها آزادي ڄڻ ته عذاب جو نئون روپ وٺي آئي. ۽ اهو عذاب هيو لڏپلاڻ جي نالي ۾ ڏيهه مان جلاوطني، جنهن جو شڪار هيمون ڪالاڻيءَ جو خاندان به ٿيو.
نکلے جب اسیر تو بدلا  ہوا  زمانہ تھا
هيمون جنهن آزديءَ لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ پاڻ پتوڙيو، هيمون جهڙن هزارين سورمن جي ڏنل قربانيءَ کانپوءِ جڏهن اها گهڙي آئي ته اها به ان صورت ۾ جو هيمونءَ جي سرير رک کي به سڪون نصيب ڪونه ٿيو. ڇاڪاڻ ته جنهن جابر کي تڙي ڪڍڻ لاءِ هُن سَر جي بازي لڳائي، ان ويندي ويندي اهڙو ماحول پيدا ڪرايو، جو هيمونءَ جي ابي امان کي پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي دربدر ٿيڻو پيو. هتي اها ڳالهه قابل ستائش آهي ته هند سرڪار پنهنجي وسيع تر قومي پاليسي تحت ڀڳت سنگهه ۽ ٻين سورمن جيان هيمونءَ کي پڻ شهيدانِ هند طور ياد ڪرڻ شروع ڪيو.
ورهاڱي کان پوءِ هيمون ڪالاڻيءَ جو ماتا پتا، سنڌ کي خيرباد چئي ”چيمپور ڪالوني ممبئي“ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. اتي هيمونءَ جي ياد تازي رکڻ لاءِ 1951ع ۾ شهيد هيمون ڪالاڻي يادگار منڊل قائم ڪيو ويو. جنهن جو سيڪريٽري ڦتومل ٽيڪچنداڻي هو. ان منڊل پاران هيمون ڪالاڻيءَ جي ياد تازي رکڻ لاءِ هر سال 21 جنوري شهادت جي ڏينهن طور ملهائڻ سان گڏ، اها پڻ ڪوشش ٿيندي رهي ته هند سرڪار کان هيمون جي يادگار طور ٽپال جي ٽڪلي جاري ڪرائي وڃي ۽ سرڪاري طور تي ڪو يادگار قائم ڪرايو وڃي. ان سلسلي ۾ اکل ڀارت سنڌي پئنچات فيڊريشن ممبئي وارن ڪوشش وٺي، چيمپور ڪالونيءَ ۾ هڪ هزار وال پلاٽ حاصل ڪري، هيمونءَ جو يادگار تعمير ڪرايو ۽ 1973ع ۾ هيمونءَ جي ڏنل قربانيءَ جي مڃتا طور سندس ماتا ڄيٺي ٻائي کي ”سنڌو ماتا“ جو لقب پڻ ڏنو ويو. هيمون جي ماتا 90 سالن جي عمر ۾ سيپٽمبر 1986ع ۾ چيمپور ڪالوني ممبئي ۾ وفات ڪري ويئي. سندس وفات کان 2 سال اڳ ڀارت جي وزيراعظم مسز اندرا گانڌي سرڪار پاران هيمونءَ جي ياد ۾ جاري ڪيل يادگار ٽڪلي کيس پيش ڪئي هئي.
ناز ڪر ماتا مٺي، هئڙي سپاتر وير تان،
هو سچو سپوت تنهنجو ۽ سنڌوءَ جو شان آ.
(وشنداس آسراڻي)
هن ڪتاب جي مواد کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.
پهرين حصي ۾ هيمون ڪالاڻيءَ جي زندگيءَ ۽ جدوجهد بابت ليک لکيل آهن، جڏهن ته ٻئي حصي ۾ ”هيمون ڪالاڻي ۽ سنڌي ادب“ هيٺ ادب جي مختلف صنفن، جهڙوڪ: ڪهاڻي، ڊراما ۽ شاعري جي ميدان ۾ ليکڪن پاران شهيد هيمون جي ڏنل قربانيءَ واري حوالي سان لکيل چونڊ مواد شامل ڪيو ويو آهي.
شهيد هيمون ڪالاڻيءَ جي ننڍي عمر ۾ ملڪ لاءِ ڏنل قربانيءَ کان متاثر ٿي هند ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن سندس جدوجهد کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مٿس شعر لکيا ۽ ڪيترن سياستدانن ۽ ڪلاڪارن کيس وقت بوقت ادب ۽ احترام وچان لفظي ڀيٽا پڻ ڏني آهي.
آءٌ هند/سنڌ جي مڙني حال حيات توڙي مرحيات ليکڪن جو شڪريو ادا ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو جن جي مواد سان هن ڪتاب کي جامع ڪري، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي پبلشر کي جس هجي جنهن وقت جي اهم ضرورت تصور ڪندي شهيد هيمون ڪالاڻيءَ جي زندگي ۽ جدوجهد بابت هي مواد شايع ڪيو.
اڄ جو دؤر جنهن ۾ اڪثر نوجوان نه ته پڙهي ٿو ۽ نه وري ڪڙهي ٿو، ائين پيو محسوس ٿئي ته سنجيدگي اختيار ڪرڻ بجاءِ بي مقصد نعرن سان نينهن لايو، هلڙبازيءَ ۾ پيو هلي. اهڙي صورتحال ۾ شهيد هيمونءَ ڪالاڻيءَ جي حياتيءَ جو احوال ۽ سندس پاران ڪيل جدوجهد جي موٽ ۾ مليل مڃتا، اڄ جي نوجوانن جي اندر ۾ بهتر طريقي ۽ صحيح رخ سان جدوجهد ڪرڻ ۽ ايمانداري ڏيکارڻ لاءِ جذبو جاڳائي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن مواد پڙهڻ سان هڪ ئي بنيادي نقطو جنم وٺي ٿو ته هيمونءَ جهڙو 19 سالن جو ڳيرو نوجوان، جنهن جي اها عمر گهمڻ ڦرڻ ۽ رانديون رونديون ڪرڻ واري هئي. ان عمر ۾ هن جنهن نموني قوم لاءِ همت ۽ بهادريءَ سان قرباني ڏني، اهڙي عمل کيس امر ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري اڄ تائين نه رڳو کيس ياد ڪيو وڃي ٿو، پر آچاريه ڪرپلاڻي ۽ جيرامداس دولترام جهڙا اڳواڻ به کين نمسڪار ڪن ٿا. جڏهن ته ان دؤر ۾ هيمونءَ جا هم عمر ۽ هم سفر ڪيترائي نوجوان هوندا، پر اڄ اهي ڪنهن کي به ياد ڪونهن، ڪاش سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي اندر ۾ عظيم ڪارناما سرانجام ڏيڻ ۽ بلند ڪردار وارن عملن کي سمجهڻ واري سوچ ۽ سنجيدگي پيدا ٿي سگهي.

طالب العلم
آزاد قاضي

Comments

Popular posts from this blog

ABDUL KARIM (BAIR WARO) MOLANA (Famous Religious Figure)

ABDUL QADIR JUNEJO (A Dramatist, Story writer and literary Figure)

ABDUL MAJEED SINDHI. MEMON (Prominent scholar, Intelluctual and Linguist)