SHAHEED MAHA RAJA DAHIR




( ڏاهر کي ياد ڪرڻ جي سلسلي جا هي چند تعارفي صفحا، سائين جي ايم سيد جي ڪتاب خاني مان حاصل ٿيا آهن. مواد منجهان معلوم ٿئي ٿو ته ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ تحريڪ واري دور ۾، جڏهن اهو طئه ڪيو ويو هو ته سنڌ جي سورمن جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ مواد رکيو وڃي. سنڌ جي سرزمين ۾ مها راجا ڏاهر جو اول نمبر آهي. ان ڪري سندس ياد جو ذڪر ٿيڻ سان جا واويلا شروع ٿي هئي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سيد هي تعارفي مواد لکيو هيو، پر اهو ڪٿي شايع ٿي ڪونه سگهيو. مها راجا ڏاهر جي شخصيت ۽ ڪردار بابت تيار ٿيندڙ، هن ڪتاب ۾ اهو مواد تعارفي طور شامل ڪجي ٿو.)
راجا ڏاهر جي تيرهن سو ورهن کانپوءِ ياد تازه ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيئي آهي؟ اهو ذرا غور طلب مسئلو آهي. ان تي جذباتي طور نظر وجهڻ جي عيوض حقائقِ وقت جي نقطه نگاه کان ڏسڻ ضروري آهي.
اها خواهش رڳو سنڌ ۾ نه، پر دنيا جي ٻين مسلمان ملڪن ۾ وقت بوقت پي پيدا ٿي آهي، خصوصاً اهڙي دورن ۾ جڏهن انهن ملڪن جي ماڻهن کي سندن قومي تهذيب، تمدن ۽ سياسي آزاديءَ کان خطرو محسوس پي ٿيو آهي، ته هنن منجهن قومي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ سندن قديم روايات کي زنده ڪرڻ ضروري ڄاتو ٿي. مثلاً:
(1) سلطان محمود غزنويءَ جي دربار جي مکيه شاعر فردوسي قديم ايراني قوميت، تمدن ۽ تهذيب کي زنده ڪرڻ لاءِ سلطان محمود جي حڪم تي ”شاهنامه“ نالي ڪتاب لکيو ۽ جنهن ۾ کين مسلمان بنائيندڙ عربن خلاف هڪ هنڌ چئي ڏنو ته:

ز شير شتر خرد لا سوسمار
عرب بجاء رسيد است کار
که تخت کيان را کند آرزو
تفو برتو اي چرچ گردون تفو

معنى: عرب ڳوهون کائڻ ۽ اٺن جو کير پين، سي به ايران جي تخت ڪيان تي حڪومت ڪرڻ جي سڌ ڪن ٿا. اي آسمان تو تي ٿڪ هجي.
جيتوڻيڪ عربن ايرانين تي خليفي دوم جي ڏينهن ۾ اسلام جي نالي ۾ فتح ڪئي هئي، نه بني امين جي دور ۾، پر ان کانپوءِ سوها ورهيه جڏهين ايران جا سڀئي رهاڪو مسلمان هئا، فردوسيء کي اهڙي غير ملڪي تسلڪ تي لعنت ملامت ڪرڻ کان ڪنهن به ايراني يا افغان کي ڪاوڙ نه آئي، بلڪ ان کي پنهنجو قومي شاعر شمار ڪيائون. ان ڪتاب ۾ جن پهلوانن ۽ بادشاهن جي تعريف ٿيل آهي، اهي سڀ غير مسلم هئا، رد عمل طور ايراني اهل تشعيت ٿي ويا.
(2) وري وٺو مصرين جو مثال، اتي جا موجوده حڪمران مصر جي فرعونن جي مقبرن کي بچائڻ لاءِ دنيا جي قومن کي اپيل ڪري، انهن جي بتن ۽ جاين کي اربها روپيه خرچ ڪري محفوظ ڪرائي رهيا آهن. پنهنجي قديم تهذيب تي فخر ڪرڻ ۾ عيب نٿا سمجهن جيتوڻيڪ فرعون غير مسلم هئا ۽ موجوده حڪمران مسلمان آهن. هو هن وقت به عربي قوميت جي نالي ۾ منظم ٿيڻ کي بنسبت اسلامي بهادريءَ جي زياده ترجيع ڏين ٿا.
(3) ترڪن جي تاريخ ۾ ڪو وقت آيو جو سندن زبان مان عربي ۽ فارسي اکر ڪڍي پنهنجي قديم غير مسلم ترڪي روايات کي تازه ڪرڻ لاءِ قومي تحريڪ شروع ڪيائون. سلطان عبدالحميد جي ڏينهن ۾ ان جي مقابله ۽ پئن اسلامزم جي نالي سان تحريڪ شروع ٿي، غازي انور پاشا جهڙي بهترين سپهه سالار جي ان تحريڪ کي پشت هئي، پر دنيا ڏسي ورتو ته ترڪ قوم پرست اڳواڻ مصطفى ڪمال پاشا ڪامياب ٿيو ۽ پئن اسلامزم غازي انور پاشا سان گڏ ترڪستان جي هڪ ٽڪريءَ تي دفن ٿي ويو. ترڪن مورڳو عربي رسم الخط ختم ڪري، رومن رسم الخط اختيار ڪيو آهي. مشرقي لباس کي خيرباد چئي، مغربي لباس اختيار ڪيو ۽ خلافت کي ختم ڪري ڇڏيو. پري ڇو وڃون، هتي هندستان جو مثال وٺو. جڏهين پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ته ترڪ ۽ جرمن هڪ طرف هئا ۽ انگريز، فرانس ۽ روس ٻي طرف هئا. ان وقت دنيا جي علماء ڪرام ترڪن جي فائدي لاءِ جهاد جون فتوائون ڪڍي، ترڪن سان لڙڻ کي گناهه قرار ڏنو، ليڪن هتي ڪيترن مسلمان ليڊرن جماعتي رضامندي سان مسلمان سپاهين انگريزن طرفان لڙي ترڪن کي شڪست ڏيڻ ۾ حصو ورتو.
جڏهين عربن قوم پرستيءَ جي نالي ۾ انگريزن جو طرف وٺي ترڪن خلاف لڙائي ڪئي ته سنڌ جي هڪ مولوي فيض الڪريم فتوى ڪڍي عربن کي حق بجانب ٺهرايو. باوجود خلافت تحريڪ وارن مولوين جي مخالفت جي سنڌ جي 90 پيرن، مخدومن ۽ مولوين ان تي صحيح ڏئي جائز ٺهرايو.
(4) شاهه عبدالطيف ڀٽائي، جڏهين سنڌين ۾ حب الوطنيءَ جو جذبه گهٽ ٿيندو ڏٺو ته قديم وقت جي سورهن ۽ سورهي جي ياد تازه ڪرائڻ لاءِ سندن نالي ۾ حب الوطني، سرويچي، قرباني، تڪليفن کي برداشت ڪرڻ ۾ محبت جا گيت ڳائي نئي جوت جاڳائي.
رام ڏياچ، ليلا چنيسر، امر مارئي، لاکو ڦلاڻي، مومل راڻو، سسئي پنهون سڀ غير مسلم هئا، انهن جي ياد تازه ڪرڻ تي ڪنهن اعتراض نه ورتو.
هن وقت اسان جي سرڪار هزار سال ڪهنه موهن جي دڙي جي تاريخي يادگار کي سم ۽ ڪلر کان بچائڻ لاءِ غير ملڪي ماهر گهرائي، دنيا جي قومن کي ان جي بچائڻ لاءِ پيسن ڏيڻ واسطي اپيل ڪري رهي آهي. ڇا! اهو دڙو اسلامي دور جي يادگار آهي؟ اڄ ڪلهه جڏهين سنڌ جي قديم تهذيب ۽ تمدن لاءِ نشاة ثانيه واسطي نوجوان طبقي ۾ خواهش پيدا ٿي، ان کي جيئرو ڪرڻ لاءِ ڪوشش هلي رهي آهي ته عين انهي وقت تي ڪي ماڻهو حڪمران طبقه يا رجعت پسنديءَ جا آله ڪار بنجي، اهڙا اشو پيدا ڪري رهيا آهن، جن ڪري سنڌي عزت، ناموس، آزادي، تهذيب ۽ تمدن مذهب جي نالي ۾ غيرن جي تسلط قائم ڪرڻ لاءِ جواز پيدا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو مقصد ٿي نٿو سگهي. ان واسطي محمد بن قاسم کي غازيء اسلام، فاتح سنڌ ظاهر ڪري، ان جي وسريل نالي کي تازه ڪرڻ ۽ ان جي فتح جي ڏينهن ملهائڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن.
سنڌ جي ننڍي وڏي کي خبر آهي  ته سنڌين هيٺين سببن ڪري محمد بن قاسم کي ڪڏهين به اهميت نه ڏني آهي:
حجاج بن يوسف ثقفيءَ جي سوٽ جو پٽ ۽ نياڻو هو، ۽ بني اميه خاندان جو عملدار هو، جنهن اهل بيت نبوي ۽ ٻين پرهيزگار مسلمانن جا قتل ڪيا هئا ۽ ڪعبه تي سنگباري ڪئي هئي. سنڌي ۽ ايراني اهل بيت جا محب هئڻ ڪري، ان کي ناپسنديء جي نگاه سان ڏسندا رهيا آهن.
محمد بن قاسم بني اميه سامراج جو رڪن هو. بني اميه جو اسلام سان ڪو واسطو نه هو . هن جي سنڌ تي فتح ۽ ان وقت ڪيل ڪڌن ڪارنامن کي اسلام جهڙي انصاف پسند اعتماد ۽ امن جي پيغام ڏيندڙ مذهب سان ڪو به لاڳاپو ٿي نٿو سگهي. اسلام تاليف قلوب ذريعي اولياء ڪرام ذريعي پکڙيو نه ههڙن غاصب ۽ ظالم حاڪمن جي تلوارن ذريعي.
ڪوبه باغيرت قوم پرست ماڻهو ڌارين جي فتح تي خوشي نه ملهائيندو آهي، بلڪه ان کي يوم ماتم ڪري سمجهندو آهي، البت هر هڪ قوم ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به پيدا ٿين ٿا، جي غيرن جي غلاميءَ کي طوق گردن طور ڪتب آڻڻ ۾ فخر سمجهن ٿا. مذهب جي آڙ وٺڻ انهن جو پراڻو پيشو آهي.
وطن قوم پرستيءَ جو بنياد ملڪ تي ٿئي ٿو. نظرياتي قوم پرستي بين الاقوامي حيثيت رکي ٿي، جنهن جي وطني قوم پرستن ذهني سامراج ۽ ملڪي بنياد جي خلاف سمجهي هميشه مخالفت پئي ڪئي آهي.
عرب ليگ ان جو زنده مثال آهي. عربن کان پئن اسلام ازم جي نالي ۾ ڪابه ڪوشش اهو نعرو فراموش ڪرائي نه ٿي سگهي.
ان ڪري اڄ ڪلهه راجا ڏاهر جي ياد تازي ڪرڻ، محمد بن قاسم جي سنڌ جي فتح خلاف احتجاج ۽ مذهب جي نالي ۽ ڌارين جي تسلط جي جواز خلاف رد عمل آهي.
اهي ماڻهو جي تيرهن سؤ ورهن کانپوءِ ان مئل بت کي زنده ڪرڻ گهرن ٿا، تن کي ياد رکڻ گهرجي ته هو اهڙي حرڪت سان سنڌ جي ٻچي ٻچي ۾ ڏاهر کي سنڌ جو هيرو ۽ شهيد اول بنائڻ لاءِ تحريڪ ڏياري رهيا آهن.
انهن کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته اهڙين روشن ڪري روس ۽ ٻين ملڪن مان ماڻهو مذهب کان بيزار ٿي پيا. هتي اهڙين ڳالهين ڪرڻ سان ڪا اسلام جي خدمت ڪانه ڪري رهيا آهن، بلڪه ان جي دشمني ڪري رهيا آهن.

سائين جي۔ايم۔سيد


Comments

Popular posts from this blog

ABDUL KARIM (BAIR WARO) MOLANA (Famous Religious Figure)

ABDUL MAJEED SINDHI. MEMON (Prominent scholar, Intelluctual and Linguist)

ABDUL QADIR JUNEJO (A Dramatist, Story writer and literary Figure)