SHAHEED MAKHDOOM BILAWAL
سنڌ جي نامور اسڪالر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي تعاون ۽ سندس نگرانيءَ ۾ شهيد مخدوم بلاول جي شخصيت ۽ ڪردار بابت ڪيل هيءَ ميڙان چونڊي 2006ع ۾ شايع ٿي هئي، جنهن جو ڊاڪٽر صاحب، مهاڳ پڻ لکيو هو. هيءُ ڪتاب سنڌ جي قومي ڪردارن کي اجاگر ڪرڻ واري مقصد سان تيار ڪيو ويو هو.
مخدوم صاحب کي سنڌ جي محب وطن شهيدن ۾ اعليٰ مقام حاصل آهي، ان ڪري مخدوم صاحب جي شخصيت ۽ سندس ڪردار بابت اٿاريل متضاد راين بابت تحقيقي انداز ۾ تيار ڪيل هن مواد کي ڪافي پذيرائي ملي. ان پذيرائيءَ جو فائدو وٺندي سنڌ جي ڪن جڳاڙي پبلشرن ڪوڙِ نالي سان ساڳي مواد جي ٽريس ڪاپي تيار ڪرائي ورتي. ان جو بنيادي سبب سنڌ جي تعليم کاتي پاران ان ڪتاب کي تعليمي ادارن جي لائبررين لاءِ خريداريءَ واسطي منظور ڪرڻ هو. اهڙي ريت انتهائي ردي ڇپائي ۽ اخباري ڪاغذ تي فرضي نالي سان، هن ڪتاب جو آندل اهو ڇاپو مفاد پرست پبلشرن ۽لالچي خريدارن جي ڳٺ جوڙ سان مختلف تعليمي ادارن جي لائبررين تائين پهچايو ويو. نه رڳو ايترو پر ان ملي ڀڳت سان ڪيترن ئي ٻين مشهور ليکڪن جي نامور ڪتابن جون ڪوڙيون ڊميون (نالو ساڳيو اندر مواد ٻيو) جوڙي سَوَن جي تعداد ۾ اهڙا ڪتاب سرڪاري ڪاليجن کي ڏنا ويا. ان ساڳي ماڻهوءَ، ميان مور سنڌيءَ هاڻي واري ٻيهر شهيد مخدوم بلاول ڪتاب واري مواد ۾ معمولي ڪاٽ ڪوٽ ڪري پنهنجي نالي سان، سنڌي ساهت ڪتاب گهر حيدرآباد پاران نئون ڇاپو شايع ڪرايو آهي.
ڏسڻ ۾ معصوم ۽ چوراگيريءَ ۾ تيز مور سنڌي، مواد چوري ڪرڻ وقت پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ اصل شايع ٿيل مواد ۾ هيٺيون تبديليون ڪيون آهن.
ڪتاب منجهان ڊاڪٽر غلام محمد لاکي وارو لکيل مهاڳ خارج ڪيو ويو.
ان ڪتاب ۾ آيل مواد جي اهميت، آفاديت ۽ اشاعتي حوالي سان ان جي تاريخي پس منظر بابت منهنجي لکيل مقدمي کي خارج ڪيو ويو.
جهڙي ريت ٻهراڙيءَ جا چور چوري ڪري پير لڪائڻ جي ڪندا آهن، ساڳي طرح سان مور، چورن وارو انداز اختيار ڪندي پنهنجا پير لڪائڻ لاءِ سڄي ڪتاب مان منهنجو لکيل مواد ۽ جتي به ڪنهن حوالي سان منهنجو نالو آيل آهي ان کي گم ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي، پر چوندا آهن ته چور ڪيترو به چالاڪ ڇو نه هجي، اهو ڪائي نه ڪائي غلطي ڪري ويندو آهي، سو ايترين حرفتن ڪرڻ جي باوجود ’مور سنڌي‘ نالي حرفتيءَ کان به اهڙو ئي ڪم ٿيو آهي، ڪتاب مان منهنجي حوالي سان ٻيا سڀ آثار ته مٽائي ڇڏيا اٿس، پر پوءِ به هيٺيون ڳالهيون ان کان رهجي ويون آهن، جيڪي سموري مواد کي مون پاران مرتب ڪرڻ جو ثبوت پيش ڪن ٿيون.
(1) ڪتاب ۾ ڏنل هر مضمون آڏو ڪجهه وضاحتي نوٽ/جملا لکيا ويا هئا، جن جي پڄاڻيءَ تي مون پنهنجو نالو لکيو هو. انهن نالن مان ص تي لکيل نالو، آزاد قاضي ختم ڪرڻ، مور ميان کان رهجي ويو آهي، ان ڪري منهنجو نالو سندس پنهنجي نالي ۾ شايع ٿيل ان جعلي ڇاپي ۾ پڻ موجود آهي.
(2) اصل ڪتاب جي آخر ۾ ڪن ڳالهين جي وضاحت ڪرڻ ۽ سموري بحث کي آسان انداز ۾ سمجهائڻ خاطر ضميما ڏنا ويا آهن، جن مان آخري ضممون ”شهيد مخدوم بلاول کي متنازع بنائڻ“ نالي عنوان سان منهنجو لکيل هو. هٿ جي صفائي ڏيکاريندڙ ’ميان مور‘ منهنجو لکيل اهو مواد ته ڪڍي ڇڏيو، پر حصي ٽئين واري مواد جي ص 296 تي ضميمن بابت جيڪا لسٽ ڏنل آهي، ان ۾ اهو عنوان موجود آهي. جنهن تان صرف ليکڪ طور لکيل منهنجو نالو گم ٿيل آهي، پر عنوان لکيو پيو آهي. حقيقت اها آهي ته ان ضميمي واري مضمون کي ختم ڪري مختصر لفظن ۾ سموري مواد جو پيش ڪيل تت گم ڪيو ويو آهي.
مور سنڌيءَ جيئن ته چور وارو ڪردار ادا ڪندي، مون واري ڪتاب جي مواد تان بٽر ڪڍرائي پنهنجي نالي ڪتاب شايع ڪيو آهي، ان ڪري اهي ئي پروف جون غلطيون جيڪي منهنجي ڪتاب واري مواد ۾ رهجي ويون هُيون اهي سندس شايع ٿيل مواد ۾ جيئن جو تيئن موجود آهن.
شهيد مخدوم بلاول جي شخصيت ۽ ڪردار بابت تيار ڪيل هي مواد پڙهندڙن کي بي حد پسند آيو، جنهن ڪري ٿوري ئي عرصي ۾ ان جي کوٽ محسوس ٿيڻ لڳي. جنهن جي وقت سِر پورائي ٿيڻ گهربي هئي. پڙهندڙن جي ان دلچسپيءَ جو فائدو وٺندي مٿي ذڪر ڪيل ناقص ڇاپو، ’ميان مور سنڌي‘ جي نالي ۾ آندو ويو آهي. علم جي شائقن کي ناقصد مواد ملڻ واري ڳالهه جي مدنظر، روشني پبليڪيشن کي هن ٻئي ڇاپي جا حق ڏنا ويا آهن. ان اُميد سان ته هن ڇاپي مان اڳ واريون غلطيون درست ڪيون وينديون.
مواد جي ٻيهر دير سان شايع ٿيڻ جو هڪڙو اهو به فائدو ٿيو آهي ته مخدوم صاحب جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ واري اختلافي ڳالهه (جنهن تي ئي هِن علمي بحث جو بنياد هو) بابت ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ جو لکيل تحقيقي مواد حاصل ٿيو، جيڪو هن ڇاپي ۾ شايع ڪيو ويو آهي. جنهن جي هتي شايع ٿيڻ سان مخدوم صاحب جو ڪيس وڌيڪ سگهارو ۽ سمجهڻ ۾ سولو ٿي پوي ٿو.
’مور سنڌي‘ جي نالي سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران شايع ڪرايل ناقص ڇاپو به بازار ۾ موجود آهي، اسين اصل ڪتاب جي مواد مان اڳ واري اشاعت ۾ ٿيل غلطين کي درست ڪري ۽ ٻيو واڌو مواد شامل ڪري، هي ٻيو ڇاپو آڻي رهيا آهيون. هاڻ ڪتاب جي چونڊ ڪرڻ پڙندڙن جو ڪم آهي.
آزاد قاضي
سنڌي شعبو
سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو
سنڌ جي اتهاس ۾ ”سمن جو دور“ هر لحاظ کان سونهري زمانو سڏيو وڃي ٿو. ان دور ۾ هونئن ته اڪثر بادشاهه مُنصف، عادل ۽ سُٺا منتظم ٿي گذريا، ليڪن ڄام نظام الدين جي شخصيت ۽ دور جي، اڪثر ڪري تاريخن ۾ تعريف ملي ٿي. پاڻ نيڪ نام، انصاف وارو، مدبر ۽ ڏاو سلطان هو. مڪليءَ تي موجود هن جو مقبرو، سندس عظمت جي شاهدي ڏئي رهيو آهي.
ڄام نندي جي ڀلوڙ زماني ۾، سنڌ جي سرزمين ٻه وڏا ڪردار پيدا ڪيا: دولهه دريا خان ۽ مخدوم بلال. ٻنهي شخصيتن پنهنجي پنهنجي ميدان تي پاڻ ملهايو. پهريون مدبر، سياستدان، سفارتڪار ۽ سپهه سالار هو. سنڌ تي مشڪل دور آيو تڏهن پنهنجي جان قربان ڪري اتهاس ۾ امر ٿي ويو. ٻيو شخص عالم، استاد، مرشد ۽ محبِ وطن طور؛ اسان جي اتهاس ۾ نرالي جاءِ والاري ٿو. وقت اچڻ تي دريا خان وانگر مخدوم بلاول پڻ وطن خاطر ساهه ڏئي سُرهو ٿيو.
جيتوڻيڪ تاريخ ۾ شخصيت پرستي وارو عمل گهڻو ساراهڻ جوڳو ڪونهي. ان هوندي به پليخانوف جهڙو ڏاهو، تاريخ ۾ فرد جي ڪردار کي گهڻي اهميت ڏئي ٿو. پڪ سان دولهه دريا خان ۽ مخدوم بلال، تاريخ ۾ فرد جي ڪردار واري اهميت جي کاتي م داخل ٿين ٿا. اهڙن ڪردارن جي عظيم ڪارڪردگي ۽ لاثاني قرباني، قومي تاريخ جي عظمت واري باب جا اهڃاڻ ٿي اڀرن ٿا.
ون يونٽ ٽٽڻ جي تاريخي مرحلي کان پوءِ، سنڌ جنهن مانائتي ۽ سوڀاري رخ طرف پيش قدمي شروع ڪئي؛ اهو عمل پَراون سان گڏ پنهنجن کي به پسند نه هو. ان پس منظر ۾ اهل سنڌ پنهنجي تاريخ جي جيترن به ڪردارن تي فخر ڪن ٿا، انهن کي لوئڻ، بدنام ڪرڻ ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح تڪراري بنائڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويو. ان ريت دريا خان ۽ مخدوم بلال کي به، مختلف طريقن سان بحث هيٺ آندو ويو. دريا خان جي پُٽ (يا ڀاءُ؟) سارنگ خان کي مير معصوم بکري، ڄام لکيو آهي (تاريخ معصومي). ان مان ظاهر ٿيو ته دريا خان سمون (قبوليو) هو. ليڪن محض روايتن جي آڌار تي ان جي حسب نسب کي ٻي طرح پيش ڪيو ويو.
مخدوم بلال هڪ مثالي عالم ٿي گذريو. ان جي شهادت جو انڪار صرف ان لاءِ ڪيو ويو، ته جيئن هن جي مدِ مقابل قاضي قادن جي ڪردار جي تعمير ڪري سگهجي. جڏهن ته اسان کي خبر آهي ته، ارغونن جي حملي ۽ مارڌاڙ وقت، قاضي قادن سندن مکيه مددگار بنيو هو.
ڌارين حاڪمن جي خلاف مخدوم بلال جي شروع ڪيل جدوجهد، اڳتي هلي ڪيئي رُخ ۽ روپ اختيار ڪيا. ان هلچل ۾ ڪلهوڙا خاندان جو ڪردار تمام مٿانهون آهي. ڪلهوڙا هڪ صدي لاڳيتو پنجن پيڙهين تائين، مغل سامراج خلاف وڙهندا رهيا. ان ريت ميان آدم شاهه، ميان شاهه علي ۽ ميان دين محمد شهادت جي رُتبي کي پهتا. ان جدوجهد جي نتيجي ۾ آخرڪار سنڌ مان مغلن کي بيدخل ٿيڻو پيو. هاڻي وري انهن فقيرن جي ڪردار ڪُشي شروع ٿي آهي. انهن جي قيمت تي جن مُغلن جو ساٿ ڏنو ۽ آزاديءَ جي تحريڪن کي ڪچلڻ ۾ مددگار بنيا. ليڪن هي مُهم انتهائي غير علمي استدلال ۽ ڏکوئيندڙ انداز سان شروع ٿي آهي. هن مُهم جي پٺيان به اهي ئي هٿ آهن، جن مخدوم بلال جهڙي مثالي عالم جي ڪردار ڪشي شروع ڪرائي. اهي ماڻهو حقيقت ۾ سنڌ اندر مختلف نسلن، قبيلن ۽ ذاتين جي اتحاد کي وڏي تڪليف سان ڏسن ٿا ۽ سنڌ جي اتحاد توڙي ايڪي جا دشمن آهن. انهن ماڻهن کي سنڌي قبيلن ۽ قوم جي شاندار اتهاس کي قبول ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. اهڙن لکندڙن وٽ صرف ٻاهران ايندڙ قومون ئي حڪمراني توڙي بهادريءَ ۾ اهل سنڌ کان وڌيڪ اُتم آهن.
مخدوم بلال جي شهدت بابت شروع ٿيل اهڙي بحث کي، اخبارن ۽ رسالن ۾ خوب جاءِ ملي. عمل ۽ ردعمل جو هڪ طويل سلسلو شروع ٿي ويو. هي بحث ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ هليو. ان علمي بحث کي محترم آزاد قاضي صاحب غور سان ڏٺو، پڙهيو ۽ پڻ ان ڏس ۾ ڇپيل مواد کي گڏ ڪندو رهيو. ايندڙ صفحن ۾ وڏي حد تائين اهوئي مواد اچي رهيو آهي. هن مواد کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري، ڪتابي صورت ۾ آڻي آزاد قاضيءَ سچ ته وڏي خدمت ڪئي آهي. قاضي صاحب کي هن قومي ڪم ڪرڻ تي مبارڪ باد پيش ڪندي مون کي خوشي ٿي رهي آهي.
پهرين آگسٽ 2005ع
Comments
Post a Comment