SHAHEED ROOPLO KOHLI
امر ڪوٽ جي پاسي ۾ پيدا ٿيل اڪبر بادشاهه ٿرين لاءِ فرمان جاري ڪيو هو ته:
”منهنجي جنم ڀومي ٿر مان ملندڙ ڍل منهنجي خزاني لاءِ وصول نه ڪئي وڃي ڇو ته جيڪا ڌرتي جنم جي جاءِ هجي ان تي سيس نمائجي، نه ڪي ڍل وصول ڪجي.“ اڪبر پنهنجي ان قول کي پاڻي ڏيندي سنڌ جي ڌرتيءَ جي ڪيتري عزت ۽ احترام ڪيو ان جا ڪي اهڃاڻ عبد الرحيم خاني خانا جي آمد وقت ملن ٿا. اهي تاريخ جون ڳالهيون آهن اڪبر پنهنجي ڪيل قول کي ڪيترو پاڻي ڏنو، ان ڳالهه کي پاسي تي رکندي ڳالهه کي اڳتي وڌايون ٿا. اڪبر پاران ٿرين لاءِ جاري ڪيل ان فرمان واري آزاد زندگي جا اهڃاڻ ڪلهوڙن جي دور تائين نمايان ملن ٿا، جن جو اظهار حضرت شاهه لطيف هن ريت ڪري ٿو.
نه ڪا جھل نه پل نه ڪو رائر ڏيهه ۾،
آڻيو وجھن آهرين روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ امل، مليران مرڪڻو.
نڪو لاس ولنگٽن 1613ع ۾، ايسٽ انڊيا ڪميٽيءَ پاران نير خريد ڪرڻ لاءِ احمد آباد کان سنڌ آيو هو. ان لکيو آهي ته: ”ننگر پارڪر کان ويندي، جوڻ تائين ڪو به ماڻهو ڪنهن کي ڍل نه ٿو ڀري.“
اهڙي ڪاردار کان آجائيءَ واري نظام ۾ ميرن پاران وقت بوقت مداخلت ڪرڻ جا مثال ملن ٿا.پر مجموعي طور ٿر ۾ سوڍا راڄ جا راڻا هوندا هئا. انڪري سندن راڄ ڌاني حيدرآباد وارن سان وقت بوقت خودمختياريءَ واري حوالي سان پيا اختلاف ٿيندا هئا.
راڻن جي راڄ ۾ اهو محصول/ ڍل کان آجائيءَ جو بنيادي ڪارڻ راڻن جو پنهنجو رائج ڪيل اعليٰ معيار وارو ”گڙ راڄ“
”Community System“ يا پنهنجو راڄ هوندو هو. جنهن کي پنهنجي حڪومت چوندا هئا. سياسي، سماجي ۽ معاشي پاليسين تي ٻڌل اهو نظام ننگر پارڪر جو راڻو هلائيندو هو. هاڻ سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ڍل نه ورتي ويندي هئي ته راڻي جو اهو نظام ڪيئن هلندو هو؟ آخرڪار اٿي ويٺي ڪيئن ٿيندي هئي، ان لاءِ ”راڻي جو جالنگ“ نالي راڄوڻي نظام رائج هوندو هو.“ (ڪاوش 7 ڊسمبر 2014ع) جنهن ۾ “پارڪر ۾ رهندڙ سڀني راجپوتن کي ڇوٽ ڏنل هئي ته برسات وسڻ کان پوءِ جيڪا به پوک ٿئي پئي سگھي، هو وس آهر اها ڪندا رهن، ٿيل فصل جي آباديءَ مان راڻي جي محصول طور “راڻي جو جالنگ” وصول ڪيو ويندو هو. جالنگ هونئن ته ان ڳوٿريءَ کي چون جيڪا مال جي ٿڻن تي، ڌاپڻ کان مالوند چاڙهين ٿا. پر ان جي ٻي معنيٰ ڏاس جو وڏو ٻورو يا اهڙي وڏي سنگن جي ڀريءَ کي به چون جيڪا معاوضي طور ڪاردار کڻندو آهي.
پارڪر ۾ رائج عوام کي پاڻ ڏانهن موهيندڙ ان ”گڙيا راڄ“ ۽ “راڻي جو جالنگ” جهڙي آسان نظام حقيقي معنيٰ ۾ رعيتي راڄ وارو تصور پيدا ڪري ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته جيڪو جيتري به ايراضي کيڙي ان جي پيداوار جو هو پاڻ مالڪ هوندو هو، البت راڄ جي راڻي کي اناج جو وڏو ٻورو ڏيندو هو. جيڪا ڳالهه ڪمائيندڙ هاريءَ لاءِ تڪليف دهه ڪانه هوندي هئي. راڻائپ جو منصف راڄ ڀاڳ طرفان وڏي ذميواريءَ وارو سمجهيو ويندو هو. انڪري راڻو هر ڪو نه سڏبو هو. اهو هڪ وڏي ذميواري ۽ جوابداريءَ وارو عهدو هوندو هو. راڻو راڄ جي اوکي سوکيءَ جو ذميوار تصور ڪيو ويندو هو اها ذميواري کڻڻ وقت جيڪو وچن ڪيو ويندو هو ان منجھان ئي ان جي اهميت جو اندازو ٿي وڃي ٿو. روايت آهي ته ان موقعي تي راڻو وچن ڪندو هو ته ”پهرين سيس ڌرتيءَ لاءِ سوڍي جو پوءِ رت رعيت جو” اهڙيءَ ريت مقرر ايراضيءَ جي رکوالي ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪاهن کي منهن ڏيڻ ۽ راڄ جي اهنج آزار حل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيڻ ۽ واهر ڪرڻ راڻي جي فرض ۾ شامل هوندو هو.
ميرن جي سند موجب، پارڪر جو راڻو ڪرڻجي، سوراچند ۽ راڻپور ڳوٺن توڙي ننگر پارڪر شهر جي اڌ ڊيوٽيءَ ۽ پارڪر جي ٽرانس ڊيوٽيءَ جو حقدار هو. ويرا واهه جي سوڍي کي ويرا واهه ڳوٺ، معافي مليل هو، ۽ پڻ موکئي رڻ جي پيدائش به ملندي هيس، کيس اڌ شهري محصول ۽ پنهنجي علائقي جي آباد ٿيل ڍل جو چوٿون حصو به ملندو هو” (پراڻو پارڪر ص 104)
انگريزن فتح ڪرڻ کان پوءِ جا پاليسي اختيار ڪئي ان موجب سر چارلس نيپئر آڪٽوبر 1844ع ۽ مئي 1847ع ۾ ٻنهي جاگيردارن جون سندون ته ستن سالن تائين قائم رکيون پر کين ملندڙ ڍل جو اڌ ڪٽي ڇڏيو. اهڙي ريت سوڍن کي اڳ جا خودمختياري هوندي هئي، اها انگريزن ختم ڪري ڇڏي. پارڪر وارو علائقو 1856ع ۾ ڪمشنر جي حوالي ٿيو، جيڪو اڳ پوليٽيڪل سپرنٽنڊنٽ تروٽ صاحب جي ماتحت هوندو هو. ڪمشنر حيدرآباد نئين پاليسي جوڙي ڪاردار موڪلي روينيو سروي شروع ڪرائي جنهن تحت چراگاهن تي پڻ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو. اڳ وڏي پئماني تي ٿيندڙ آفيم جي ڪاروبار تي لائسن جاري ڪري ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. مطلب ته انگريزن آهسته آهسته ڪري راڻن تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ شروع ڪري ڏني. اهڙي ماحول ۾ راڻي ڪرڻجيءَ جي هڪ خاص نوڪر تي ڪنهن کوهه کي نقصان رسائڻ جي ڏوهه هيٺ ڪاردار ڏنڊ وڌو. ڪاسبي جي پٽيل سان راڻي جو زمين جي دنگ بابت تڪرار ٿيو، جنهن جو فيصلو تروٽ صاحب راڻي جي خلاف ڪندي، حڪم جاري ڪيو ته دنگ تي پٿر هڻايا وڃن. ان ڳالهه کي راڻي ڪائي اهميت نه ڏني ان دوران ٽيلي گراف کاتي جي ڪن نوجوان عملدارن راڄ جي ڪن ڪولهن سان بيجا سلوڪ اختيار ڪيو. ان ڳالهه به ماحول کي خراب ڪيو. مختيار ڪار ننگر پارڪر مسٽر ڏيئو مل ان بگڙيل ماحول جو فائدو وٺندي ٿيل اختلافي ڳالهين کي هوا ڏني، ڇاڪاڻ ته ان جي راڻي سان ناسازي هلندڙ هئي. مسٽر ڏيئي مل وارين حرڪتن هڻي وڃي هنڌ ڪيو. سرڪار پابنديءَ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ سرڪار خلاف نفرت وڌي ويئي. اهڙي ريت راڄ ۾ انگريزن خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو ويو. جنهن جو تفصيل هن ڪتاب جي ايندڙ صفحن ۾ ملي ٿو. ان بغاوت ۾ جيتوڻيڪ هزارين ڪولهن ۽ ٻين قبيلن حصو ورتو ۽ ان دور جي رواج موجب پنهنجي راءِ جي حڪم جي تعميل ڪندي قربان به ٿيا، پر انهن منجھان ڪن ڳُڻائتن ڳالهين ۽ سچيتائيءَ وارن صفتن سبب روپلي ڪولهي جو نالو ايندڙ نسلن لاءِ اتساهه جو ڪارڻ ٿي پيو آهي، ڇاڪاڻ ته روپلي آڻڻ مڃڻ بجاءِ پنهنجي ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جي دعويٰ ڪندي، قرباني ڏئي، شهادت ماڻي امر ٿي ويو.
شهيد روپلو ڪولهيءَ جي شهادت جي سلسلي ۾ هتي ڪجهه بنيادي نوعيت جون ڳالهيون بيان ڪرڻ ضروري سمجھندي ٻه چار گذارشون پيش ڪجن ٿيون.
شهيد روپلو ڪولهي بظاهر هيٺين ڪلاس جو هڪ غير تمند نوجوان راڻي جي راڄ جو ماڻهو هو. ان ڪري ڪي ماڻهو سندس ان حيثيت کي شخصي وفاداري ظاهر ڪرڻ تائين تصور ڪري سگھن ٿا. پر اهڙي ڳالهه روپلي جي ڏنل قربانيءَ سان زيادتي ڪرڻ جي برابر ٿيندي ڇاڪاڻ ته ان دور جي مجموعي صورتحال تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿيندو ته اهو دور قبائلي نظام هيٺ حاڪم سان وفاداري، ملڪ سان وفاداريءَ طور تصور ڪرڻ وارو دور هو. لڳ ڀڳ اهڙي ئي صورتحال مغل حڪمرانن جي دور ۾ انگريزن خلاف ٿيل بغاوتن دوران نظر اچي ٿي. ان دور ۾ اڳواڻي ته ڪنهن نه ڪنهن وڏي نالي واري جي تصور ڪئي ويندي هئي پر ان ۾ بنيادي مقصد ڌرتيءَ مٿان نازل ٿيندڙ عذاب جي خلاف مهاڏو اٽڪائڻ هوندو هو. ان ئي تناظر ۾ شهيد روپلي ڪولهيءَ جي شهادت کي ڏسڻ گھرجي سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ اڪثر اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته ان جا هيرا به وڏا ماڻهو آهن پر شهيد روپلي ڪولهيءَ کي سندس ڏنل قربانيءَ جي نتيجي ۾ جنهن قسم جو مقام ڏئي ياد ڪيو وڃي ٿو اهو عمل مٿي ذڪر ڪيل دعويٰ کي غلط ثابت ڪري ٿو. هتان جي قومي تحريڪ بغير ڪنهن طبقي، رنگ، نسل واري فرق جي فرد جي ڏنل قرباني ۽ ڪيل ڪوششن جي بنياد تي سندس حيثيت جو تعين ڪري ٿي. انگريزن جي راڻن مٿان قابض ٿيڻ جي سلسلي ۾ شهيد روپلي ڪولهي جي ادا ڪيل ڪردار واري حوالي سان هيٺ ذڪر ڪيل ٻه ڳالهيون قابلي غور آهن.
• مختيار ڪار ڏيئو مل جون افسرشاهيءَ واريون حرڪتون جنهن جو مٿي ذڪر ٿي آيو آهي ۽ مقامي پيرن ۽ وڏن ماڻهن جون غداريون. ڪرنل تروٽ جنهن ڪولهن جي عوامي بغاوت کي بيدرديءَ سان ڪچليو، اهو پنهنجي حق ۾ ماحول سازگار ڪرڻ ۽ وقتِ ضرورت مدد وٺڻ خاطر پيرن ۽ وڏن ماڻهن سان تعلقات قائم ڪري چڪو هو، جن کان وقت ضرورت مدد وٺندو رهندو هو. ويڙهايو ۽ راڄ ڪيو واري مقصد سان هو راڻن ۽ ٺڪرن ۾ اختلاف پيدا ڪرائي چڪو هو. ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته روايتي انداز ۾ مقامي ماڻهن پاران ڪيل غداريءَ جي روشنيءَ ۾ ڪولهن کي شڪست آئي هجي ۽ شهيد روپلي کي پڪڙايو ويو هجي. بهرحال جيڪو به سبب ٿيو روپلو ڪولهي گرفتار ٿيو ويو. گرفتار ته ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ماڻهو ٿيا هوندا، جن معافيون گھري انعام اڪرام وٺي جند ڇڏائي، مزا ماڻيا هوندا. پر اڄ انهن جو تاريخ ۾ ڪو نالو نشان به ڪونهي. البت جنهن جرئت ۽ بهادريءَ جو مظاهرو شهيد روپلي ڪولهي ڪري ڏيکاريو ان کيس سنڌ جي امر شهيدن جي صفن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. شهيد روپلي ڪولهيءَ کان سندس جان بخشيءَ طور صرف باغي سوڍي جي ڳجھي پناهه گاهه جو ڏس پتو پڇو پئي ويو، کيس ماري ماري پاهه ڪيو ويو، سخت سزا طور سندس هٿن جي آنڱرين کي ڪپهه ويڙهي باهه ڏيئي ڏياٽيون ڪيون ويون، پر پوءِ به هن سرويچ غدارن وارو ڪم نه ڪيو. انگريزن جي ٿيل ظلمن کان پوءِ به سندس هيٺون همٿ ۽ بهادريءَ سان ڏنل جواب ڪيڏو نه لاجواب ۽ همٿ پيدا ڪرائيندڙ آهي.
سوڍا وتاڙون لاج جائي، مارو لاجي پارڻو ديش،
ڪارونجھر ني ڪارڻي هون، سؤ سؤ ڪپاؤون سيس،
تروٽ تون ڏکو جي ديش وديش، ڪولي مليا تا ڪارونجھرنا
(جيڪڏهن اوهان کي آءُ سوڍي جو ڏس ڏيان، يا ڏيکاريان ته ڄڻ پنهنجي لڄ وڃايان ۽ پنهنجي پارڪر ديش تي ٽڪو لايان، آءٌ ڪارونجھر واسطي سوين سر وڍائڻ لاءِ تيار آهيان تروٽ تون ڏيهه پر ڏيهه وڃي ٻڌاءِ ته مون کي ڪارونجھر جو بهادر ڪولهي گڏيو هو)
مقامي ماڻهن جي غدارين سبب آزاديءَ جو علمبردار راڻو به گرفتار ٿي ويو، روپلي ڪولهي قرباني ڏيئي شهادت جو اعليٰ مقام ماڻي ورتو. ڪرنل تروٽ ڪولهين جي بغاوتن کي ڪچلڻ لاءِ جيڪو سرڪار دوست ٽولو پيدا ڪرايو، اهو انگريز جي وڃڻ کان پوءِ به وقت جي حڪومتن سان وفادار رهندو اچي، پر انهن مان ڪو به شهيد روپلي ڪولهيءَ جيان قومي هيري جو درجو حاصل نه ڪري سگھيو آهي. شال اسان جو نوجوان نسل غور فڪر، سوچ ويچار واري واٽ اختيار ڪندي، پنهنجي قومي هيرن جي ڏنل قربانين منجهان ڪو سبق حاصل ڪري سگھي.
هن ڪتاب جي تياريءَ لاءِ جن دوستن جو مواد استعمال ڪيو ويو آهي، انهن جو فهرست ۾ ذڪر آيل آهي. پر پوءِ به هتي پارو مل ڪولهي جي ڪتاب ”لوڪ ساگر جا موتي“ جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، ڪولهين تي لکيل سندس هي ڪتاب، شهيد روپلي تي وڌيڪ مواد هٿ ڪرڻ جو سبب بنيو. حاجي محمد ڪنڀر جو پڻ شڪرگذار آهيان، جنهن جي راڻن تي لکيل مضمون مان ”گڙ راڄ“ بابت معلومات ملي.
طالب العلم
ڊاڪٽر آزاد قاضي
20 ڊسمبر 2014
Comments
Post a Comment